صادق علي شاهه جو ڪوٽ

صادق علي شاهه جو ڪوٽ: هيءُ ڪوٽ ديهه بائيجي ڳوٺ، بائيجي روڊ، پني عاقل ۾ آهي. هن وقت هيءُ ڪوٽ تباهه ٿيل آهي. هي ڪوٽ ڇهن ايڪڙن جي ايراضيءَ ۾ ڦهليل آهي، جيڪو صادق علي شاهه زميندار پنهنجي بچاءَ لاءِ ٺهرايو هو. هن وقت ڪوٽ ڪِري پيو آهي، جنهن جا ڪجهه حصا باقي بچيا آهن. زمين تي مقامي ماڻهن قبضو ڪري ڇڏيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو